اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زرعي ت??قياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر کي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکندي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي خلاف جوابدار جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسسٽنٽ نائب صدر (جوابدار) تي عورت آفيسر کي جن??ي طور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو هو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران جوابدار تي هنيل 5 لک جي ڏنڊ کي وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏيو. صدر معاملي تي زرعي ت??قياتي بئنڪ جي درخواست کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جوابدار هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ۾ ڪنهن بي ضابطگي جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيو، معاملي تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ثبوتن جي صحيح جانچ تي ٻڌل آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو پيغام چٽو ۽ واضح آهي، اسان هڪ اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي آزادي هجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي سمورين عوامي جاين تي عورتن جي لاءِ محفوظ ماحول هجي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ کي قانون ۽ قاعدن جي سراسر خلاف ورزي ڪندي نوڪري ت??ن برطرف ڪيو ويو، عورت شڪايت ڪندڙ جي خلاف ڪا باقاعده انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو. صدر چيو ته متاثر عورت جي برطرفي جو حڪم غيرقانوني اهي، برقرار نه ٿو رهي سگهي، شڪايت ڪندڙ اڃا به بئنڪ جي ملا??م آهي، اڄ تائين پنهنجي سمورن فائدن جي حقدار آهي، جوابدار جن??ي هراسمينٽ جي الزام تي شڪايت ڪندڙ کان جرح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ پاران پيس ڪيل ثبوت ڀروسي جوڳا لڳي رهيا آهن. تفصيل موجب گوجرانوالا ۾ زرعي ت??قياتي بئنڪ جي برانچ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت آفيسر جوابدار جي خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي، عورت الزام هنيو ته جوابدار جي آفيس ان جي آفيس جي ويجهو هئي، موبائيل فون تي ان جي وڊيوز رڪارڊ ڪندي پڪڙيو ويو. شڪايت ڪندڙ حلفنامو پيش ڪيو ته جوابدار ان کي جن??ي طور تي هراسان ڪيو ۽ جسماني طور تي ڇُهيو. جرح ۾ جوابدار جن??ي هراسمينٽ جي مخصوص الزام تي ڪو سوال نه ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار کي شڪايت ڪندڙ کي جن??ي طور تي هراسان ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو هو.