اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ راولپنڊي جي اڳوڻي ميئر سردار نسيم سان والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي سمورن گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته والده جهڙي شفيق ۽ مخلص هستيءَ جو لاڏاڻو زندگي جو ناقابل تلافي نقصان هوندو آهي، توهان جي ڏک ۾ اسان سڀ شريڪ آ??يون. وزيراعظم دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي.