ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته عدليه جي بحالي ۾ وڪيل برادري اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ جي ??اء?? گهربل قربانين کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قانون جي حڪمراني جي ??اء?? مشاورت ضروري آهي پر مشاورت جي عمل ۾ غيراهم عمل رڪاوٽ آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ تشدد ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڪيلن کي جمهوري عمل ??ي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي ان جي ??وح سان لاڳو ڪرڻ جي لا??ِ تمام اهم ڪردار ادا ڪرڻو آ??ي. هن چيو ته پاڪستان جمهوري عمل سان قائم ٿيو ۽ ان ??ي ترقي جمهوريت ??ي تسلسل سان ئي ممڪن آهي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شاهد زبيري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر نعيم قريشي ۽ ايڊووڪيٽ رياض آفندي پڻ خطاب ڪيو.