اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي عدليه بچاءُ تحريڪ ملڪ جي عدل جي ??ظام تي چماٽ آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته فارن فنڊيڊ ايجنٽ، ت??شه خانه چور، قوم جي 190 ملين جو امانت خور، القادر ٽرسٽ جو رشوت خور، عدا??تي ڀڳوڙو، گدڙ عدليه بچائڻ نه پر پنهنجي ڏوهن کان فرار جي ??اءِ عدليه کان بچڻ نڪتو آهي. هن چيو ته عدليه نواز شريف جهڙو شينهن ليڊر بچائيندو آهي، پوليس جي ڊپ کان ٻرِ ۾ لڪي ويندڙ گدڙ نه آهي. پنهنجي چورين ۽ ڏوهن تي ”عدليه کان بچايو“ تحريڪ جي ??ٺيان نه لڪو، عدليه کي تڏهن بچائڻو هو جڏهن ثاقب نثار کي ڪوڙي صادق ۽ امين سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ??اءِ فون ڪندو هو.