اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مختلف سياسي اڳواڻن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان قومي ??سيمبلي جي ميمبر چوڌري احسن الحق باجوه، صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن صوفي اڪرم ۽ زاهد اڪرم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي مسئلن ۽ سياس?? صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي صدر جعفر خان مندوخيل ۽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان به جدا جدا ملاقات ڪئي. جعفر خان مندوخيل ملاقات ۾ بلوچستان صوبي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي شروع ڪيل ترقياتي ڪمن تي اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان مثبت عوامي ??دعمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن ته گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ الرحمان ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي سياس?? صورتحال تي وزيراعظم سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.