اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ايوارڊ يافته ناليواري شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس امجد اسل??م امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??ران جاري تعزيتي بيان م??جب صدر امجد اسل??م امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن چيو ته اردو ادب ۾ امجد اسل??م امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مر??وم فن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر اردو زبان جي لاءِ مر??وم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امجد اسل??م امجد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم کي جنت نصيب فرمائي. هن مر??وم جي مغفرت جي دعا ۽ وارثن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.