واشنگٽن-05 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پا??ست??ن جي سفير مسعود خان فنڊريزنگ تقريب دوران پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سبب تباهي تي روشني وجهندي چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهون بي گهر ٿي ويا آهن .انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي شديد مشڪلاتون درپيش آهن ج??ڪي هن وقت عارضي پناه گاهن ۾ رهن ٿا. اها فنڊ ريزنگ تقريب ڪينيڊا جي چيريٽي تنظيم ريفيوجي گرلز ورلڊ وائڊ ( آر جي بليو ) جي اهتمام هيٺ منعقد ڪئي وئي جيڪا ترڪي ، فلسطين ، يوڪرين، پا??ست??ن ۽ ڪينيڊا ۾ پناهگير عورتن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پا??ست??ني سفارت خاني پاران جاري ڪيل پريس ريليز موجب هن چيو ته ماحولياتي تبديلن سبب پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهون عارضي پناه گاهن ۾ رهڻ تي مجبور آهن انهن کي هن وقت شديد مشڪلاتون درپيش آهن هن مشڪل وقت ۾ عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي تقريب ۾ اهم پا??ست??ني شخصيتن ۽ آمر??ڪي پرڏيهي وزير ۽ پا??ست??ني سفارتخاني جي عهديدارن شرڪت ڪئي هنن خاص طور تي آفتن دوران ڇوڪرين جي بهتري لاءِ آر جي ڊبليو جي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته گهٽ طبقي لاءِ اسان جي همدردي ۽ مدد اسان جي مذهب هجڻ ۽ انساني همدردي آهي پا??ست??ني سفير چيو ته ٻوڏ سبب ٽي ڪروڙ 30 لک ماڻهون متاثر ٿيا آهن انهن مان 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 6 لک ڳورهاري عورتن مان 2 هزار عورتون روزانو غير محفوظ ۽ غيرصحتمند حالتن ۾ ٻارن کي جنم ڏئي رهيون آهن . هن چيو ته معدي جي انفيڪشن ، ڊينگي بخار ، مليريا ۽ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ ٻين بيمارين سبب تباهي جي اندر هڪ ٻي تباهي پيدا ٿي وئي آهي هن ٻوڏ سبب ريسڪيو اينڊ ريليف آپريشنز ??وران امداد جي فراهمي تي آمر??ڪي حڪومت ، سول سوسائيٽي خاص طور تي سرهندي وارن ماڻهن ۽ پا??ست??ن آمريڪن ڪميونٽي جو شڪريو ادا ڪيو عالمي برادري تي زو ڏنو ته نيئن سر تعمير ۽ بحالي ۾ مدد لاءِ عزم جو ارادو ڪري ان موقعي تي آمر??ڪي پرڏيهي وزير سان ڪرسٽو فر جيسٽر ٻوڏ متاثرن لاءِ آمر??ڪي امداد جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ممڪن بنائڻ لاءِ جديد طريقن جي ضرورت آهي پا??ست??ني سفير مسعود خان پا??ست??ن جي موحولياتي تبديلي سبب متاثر ماڻهن لاءِ آر جي ڊبليو جي آفس هولڊرز جي ڀرپور ڪوشسن کي ساراهيو.