نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين ??ي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گروپ آف فرينڊز آف دي گلو??ل ڊيولپمي??ٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب جي ڊي آءِ جي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. پاڪستان 50 کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌ?? ”گروپ آف فرينڊز“ ۾ شامل آهي جنهن جو قيام جي ڊي آءِ جي مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ اهم من??وب?? آهي. هن چيو ته پاڪستان 29 ارب ڊالر جي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي من??وب?? تي عملدرآمد ڪيو آهي جنهن سان پاڪستان جي ترقي ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٺوس ۽ وسيع اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ٻين ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.