اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ م??ئ??ن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين ڇو ته هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ م??لسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان متاثر ٿي?? آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ م??اثر ٿي سگهي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻي سيشن ۾ مختلف ميمبر ملڪن پاران سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اسان کي سيمينار کي نتيجا خيز بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو نه ته سموريون ڪوششون ضايع ثابت ٿي??ديون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ٻوڏ جون ت??اه??ون درپيش آهن اسان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاءِ اسان سڀني کي هڪ گڏيل پارلياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ ??ي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻي سيشن اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي??دو.