اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ??هباز شري?? کي پرڏيهي وزارت پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ هڪ ڪروڙ 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها رقم پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي پاران وزيراعظم ??ي فلڊ ريليف فنڊ 2022ع ۾ عطيو ڪئي ??ئي آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کانسواءِ مملڪتي وزير حنا رباني، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هئا.