ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوت ٿيندڙن ج?? وارثن کي 24 ڪلاڪن جي ا??در معاوضو ادا ڪ??ڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينج تمام وڏو آهي، متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا پهچڻ تي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي بريفنگ دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين ۽ منشيات جي خاتم?? وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، بجل?? وارو مملڪتي وزير مير هاشم نوتيزئي، قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي ۽ اين ڊي ا??م اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪوئيٽا پهچڻ تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ا??م اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بلوچستان ۾ تازين برساتن جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ا??م اي کي بلوچستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن ج?? وارثن کي معاوضي جي رقم 24 ڪلاڪن جي ا??در ادا ڪرڻ ۽ جزوي يا مڪمل تباهه ٿيندڙ ڪچن ۽ پڪن گهرن جي معاوضن کي به گڏ ڪري ۽ وڌائي 5 لک رپيا ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو قومي ا??ميو آهي ته ڊيمن جي وقت سر تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، موجوده چئلينج تمام وڏو آهي پر اسان متاثرين جي مڪمل بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته بحالي ۽ امداد جي لاءِ اين ڊي ا??م اي?? صوبائي ا??تظاميا ۽ اين ايڇ اي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس جو ڄار وڇايو وڃي. وزيراعظم چيو ته غيرمعمولي برساتن سبب وسيع پئماني تي نقصان ٿيو. قيمتي ا??ساني جانين جي نقصان سان گڏ انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو، وفاق ۽ بلوچستان حڪومت قومي جذبي سان بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ پرعزم آهن، جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي حڪومت سک سان نه ويهندي. وزيراعظم مقامي ۽ عالمي تنظيمن کي به ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ حڪومت جي مدد جي ا??يل ڪئي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي ۽ اين ڊي ا??م اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز بريفنگ ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته 13 جون تي برساتن جون پري مون سون سلسلو شروع ٿيو، 30 سالن جي سراسري جي ڀيٽ ۾ بلوچستان ۾ اٽڪل 500 ??يڪڙو وڌيڪ برسات پئي. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هيستائين بلوچستان ۾ فوتگين جو ڪل انگ 136 آهي، جڏهن ته 70 ماڻهو زخمي آهن، 1100 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا جن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي، 2 لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، 20 هزار 500 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو، موٽروي ا??م 8 ۽ ڪوئيٽا ڪراچي قومي رستو وڏي حد تائين بحال ڪيو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلوچستان جي دوري تي لاهور کان ڪوئيٽا پهچڻ تي هوائي اڏي تي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو استقبال ڪيو جڏهن ته صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.