حنا رباني کر سان متحده عرب امارات جي سفير جي ملاقات

image
APP29-260422 ISLAMABAD: April 26 - UAE Ambassador to Pakistan, H.E. Hamad Obaid Ibrahim Al-Zaabi, Called on Minister of State for Foreign Affairs, Hina Rabbani Khar at the Ministry of Foreign Affairs. APP

اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پرڏيهي وزارت ۾ پاڪستان ۾ متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد الزابي ملاقات ڪئي.

پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران مملڪتي وزير حنا رباني کر متحده عرب امارات سان پاڪستان جي ويجهي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. هن سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو .

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر