اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ر??وي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري ??واد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ر??وي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، ر??وي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئر??ين ٻڌايو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ ز??ين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن ٻڌايو ته ر??وي سٽي منصوبو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪالي، ز??ين جي اندر پاڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته اهو منصوبو قرض بدران حصيداري ??ي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري ??ي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري ??هيا آهن.