اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اولهه ?? حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي جا مذمت جوڳا واقعا ٿيا جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڏٺي وڃي ٿي، اسان کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام ج?? حقيقي پيغام کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حضور اڪرم ج?? زندگيءَ مُبارڪ ۽ قرآن پاڪ جي پيغام کي سڄي دنيا ۾ عام ڪرڻو پوندو، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جو خطرو وڌي رهيو آهي ان لاءِ سخت احتياط ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، عيد ميلاد ا??نبي ﷺ جي سمورين تقريبن ۾ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد ا??نبي ﷺ جي موقعي تي قوم ج?? نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.