صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ڪچي آبادين بابت اجلاس

image
APP32-24 ISLAMABAD: June 24 - President Dr. Arif Alvi chairing a meeting about kachi abadis at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت، تعليم ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي سان گڏ ڪچي آبادين کي ترقي يافته علائقن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن جي ترقي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين، انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ به طريقيڪار تيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪچي آبادين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ جمشيد ڪوارٽراز، پاڪستان ڪوارٽرز ۽ ريلوي ڪچي آبادين جي ترقي ۽ انهن جي رهواسين کي متبادل انتظامن جي فراهمي جي سلسلي ۾ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انهن علائقن جي ترقي جي لاءِ ڪميونٽي ۽ نجي شعبي سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين. انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائشي مسئلن جي حل لاءِ پڻ طريقيڪار تيار ڪيو وڃي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے