اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پا??ستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 2 کان 4 آگسٽ تائين پا??ستان جو پهريون ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير اڄ خميس ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات دوران وسيع ايجنڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي. ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اتفاق راءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ايراني پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سي??يٽ چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو جن ۾ ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کان اڳ اقتصادي ۽ واپار معاملن واري نائب پرڏيهي وزير، رستن ۽ شهري ترقي، سيڙپڪاري، زراعت، توانائي وغيره جي وزارتن جي سي??يئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وف?? پرڏيهي وزير جي دوري بابت تيارين جي لاءِ ملاقاتون ڪي??ن. ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان جو هي دورو ٻنهي ڌرين جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو هوندو جنهن ۾ علائقائي رابطن، توانائي ۽ پا??ستان ۽ ايران جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.