فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي جي ضامن آهي: ڊاڪٽر شهباز گل

image
APP07-03 LAHORE: October 03 – SAPM Dr Shahbaz Gul addressing a press conference. APP photo by Ashraf Ch

لاهور -03 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي جي ضامن آهي، اسان جي فوج اسان کي ڪو صحيح ڪم ڪرڻ کان ناهي روڪيندي، جيڪڏهن اسان جي ڪا ڪوتاهي آهي ته ان جو ملبو فوج تي نٿو وجهي سگهجي. نواز شريف جو هميشھ فوج سان ئي جهيڙو رهيو، ڇاڪاڻ ته فوج ئي اهو واحد ادارو آهي جيڪو ملڪي مفاد خلاف قدمن تي نواز شريف کان سوال پڇندو آهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ