وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪي اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ بابت اجلاس

image
APP58-23 ISLAMABAD: September 23 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding Economic Outreach Initiative. APP

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا آهن. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪي اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ جي لاءِ اڪنامڪ آئوٽ ريچ اپيڪس ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اقتصادي سفارتڪاري جي فروغ جي حوالي سان خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف کي فوڪل پرسن بڻايو ويو آهي. لاڳاپيل وفاقي وزارتن، صوبائي کاتن ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڪنامڪ آئوٽ ريچ ڪوآرڊينيشن گروپ قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر