واپار ۾ رڪاوٽُون ختم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ٿيندو: اسد قيصر

image
APP31-03 ISLAMABAD: September 03 - Speaker National Assembly Asad Qaiser presiding over 2nd meeting of Executive Committee of Pak-Afghan Parliamentary Friendship Group at Parliament House. APP

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ٿيندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي مفاد ۾ آهي، خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو، پاڪستان برآمدات جيڪا ڪورونا وائرس وبائي مرض جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : loteria estadual