رياض -25 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق چيو آهي، ته اهو سندس سعودي عرب ۾ پهريون رمضان المبارڪ آهي ۽ تمام خوبصورت تجربو آهي. اردو نيوز مطابق هن چيو ته ان کان اڳ هو ڊنمارڪ ۾ هو ۽ هو اهو چئي سگهي ٿو ته سعودي عرب م مسلمان ڀائرن سان گڏ رمضان المبارڪ گذارڻ هڪ مختلف ۽ سٺو تجربو آهي. هن چيو ته سعودي عرب جون روائتون تمام خوبصورت آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ هو مدينه منوره ويو ۽ مسجد نبوي ۾ افطار ڪيو جيڪو هڪ منفرد تجربو هو. هتي موجود ڪيترن ئي ماڻهن مون کي پنهنجن دسترخوانن تي افطار جي دعوت ڏني. هن چيو ته ان ۾ ڪافي محبت ۽ گرمجوشي محسوس ٿي، اها سعودي عرب جي روائتي مهمان نوازي آهي. ان کان علاوه ماڻهو هن مهيني ۾ ضرورتمند ماڻهن لاءِ صدقو، خيرات ۽ زڪوات ڪندا آهن. کيس لڳي ٿو ته اهو پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ۾ گڏيل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ جي تجربي جو خوشگوار احساس آهي ۽ پاڪستان ۾ پڻ ايئن ٿيندو آهي.