اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏيندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪ حڪومت جي ثابت قدم حمايت ۽ اصولي موقف تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دوري جي موقعي تي انقره ۾ ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ترڪي جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گرمجوشي سان مهمانوازي تي پنهنجي ترڪ هم منصب جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام هڪ ٻي جي لاءِ رکندي آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندي تائين وٺي وڄڻ لاءِ مفيد طريقيڪار جي طور تي ڪم ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ ترڪي ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس جو منتظر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير پنهنجي ويجهي پاڙيسري ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي لاءِ ترڪي جي تعاون کي ساراهيو. افغانستان جي باري ۾ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين جي بحران ۾ ترڪي جي تعميري ڪردار ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ ترڪ پرڏيهي وزير جي ذاتي ڪوششن کي به ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ترڪي جي سرڪاري دوري تي وزيراعظم سان گڏ آهي. هڪ مهيني کان گهٽ عرصي ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي اها ٻي ملاقات هئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزير ميولود چائوش اولو گذريل رات آجياڻو به ڏنو.