ڪشمير هڪ نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي: شهريار آفريدي

image
APP06-27 ISLAMABAD: October 27 - Chairman Kashmir Committee Shehryar Afridi addressing a seminar on "Commemorating Black Day: Kashmir and Right to Self-determination" organized by Institute of Strategic Studies Islamabad (ISSI). APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير هڪ نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي اندر شهرين تي بدترين ظلمن جي روڪٿام لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي فوج کي آخرڪار ظلم ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪشميري آزادي جي صبح جلد ڏسندا. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي هن والاريل ڪشمير ۾ مودي پاران متعارف ڪرايل هڪ ٻئي ڪاري قانون جي سخت مذمت ڪئي جنهن جو مقصد ڪشميرين جي زمينن تي قبضو ڪرڻو آهي.

مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ