لاهور 20- سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته اي پي سي جو مطلب آل پاڪستان لٽ مار ڪميٽي ۽ قوم جي لٽيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪرپٽ اشرافيه جو ڳٺ جوڙ آهي. جڏهن سڀئي چور گڏ ٿي وڃن ته سمجهي ڇڏيو ته ڪو ايماندار ٿاڻيدار اچي ويو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر آل پاڪستان لٽ مار ايسوسيئيشن گڏ ٿي رهي آهي، اربين رپي?? جي مني لانڊرنگ ڪرڻ سان اپوزيش?? جي اُڃ ناهي ختم ٿي، ماضيءَ ۾ مخالف ڌر جون اهي پارٽيون هڪ ٻئي خلاف ڇا نه چونديون رهيون آهن؟ اپوزيشن وارا گڏجي صرف اين آر او گهري رهيا آهن، مخالف ڌر جيتريون به چاهي اي پي سي ڪري جنه?? جي دل چوي خطاب ڪري پر مخالف ڌر لاءِ اهو پيغام آهي ته انهن کي اين آر او نه ملندو. وزيراعظم عمران خان اين آر او نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته اهي ماڻهو اي پي سي ڪري رهيا آه??. آ??ف علي زرداري کي علي بابا چاليس چور چوڻ وارو شهباز شريف هاڻي پاڻ ئي ايڪتاليهون چور بڻجي ڪرسي لاءِ وڃي رهيو آهي، ته ڪٿي ان تي مريم نواز نه ويهي رهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. هن چيو ته اپوزيش?? جي ٻن سالن ۾ اها پنجين ويهڪ آهي، اڄ تائين اسان اپوزيش?? جي مختصر عرصي ۾ ايتريون اي پي سيز ناهن ڏٺيون. هن چيو ته موجوده اپوزيشن جو نظريو بنيادي طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن انهن کان حساب وٺون ٿا ته چون ٿا اسان کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اي پي سي جي لسٽ ۾ انهن ماڻهن جا نالا، انه?? جي ڪرپشن سبب داخل آه?? جيڪو وڌيڪ ڪرپٽ آهي. ان جو نالو سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته سياست ۾ نئون آيل بلاول جنهن جون پنجاب ۾ ڪجهه سيٽون آهن اڄ شهباز شريف پنهنجي خاندان سميت ا?? جي بارگاهه ۾ حاضر آهي ۽ اتي وڃي اين آر او گهري رهيو آهي. هن چيو ته پهرين انهن ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شهباز شريف ۽ ٻين چور?? جي آمدني ۾ ايترو اضافو ٿي چڪو اهي جو ڏسي ڪري عقل دنگ ره??ي و??ند?? آهي ۽ هاڻي انهن کي احتساب جي نالي کان خوف اچي رهيو آهي.