اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ??هي ??ه لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ??ه لاهور جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي لاءِ اڳت?? اچڻ گهرجي. اسان جون به ٻار??يو??، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ??رڻ گهرجن. سيد نويد قمر چيو ??ه لاهور جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ??رڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.