اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊول??مي??ٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير ا??د عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا وزيراعظم عمران خان جي هيومن ڊول??مي??ٽ ۾ خصوصي دلچسپي کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي جتي ملڪ ۾ انساني ترقي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊول??مي??ٽ گولز (پائيدار ترقي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت ع??لي ۽ وسيلن جي فراهمي نهايت قابل تحسين آ??ي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت ع??لي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ساراهيو.