اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي انتها صلاحيت موجود آهي، ان شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي برآمدات ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، آءِ ٽي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا. وزيراعظم عمرا?? خان ان ڳالهه جو ??ظه??ر ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمرا?? خان ج?? صدارت ۾ هتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد ??ظه??، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وفاقي سيڪريٽريز، ايف بي آر چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ آءِ ٽي سيڪٽر سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جا نمائندا شريڪ ٿيا.