لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پي ٽي آءِ سينٽرل پنجاب جي صدر اعجاز احمد چوڌري ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال س??يت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڳالهائيندي چيو ته شهباز ??ري?? جي ڪارن ڪرتوتن تان پردو کڄ?? چڪو آهي، ثابت ٿيو ته منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽ کي شهباز ??ري?? پنهنجي ٻه نمبري جي لاءِ استعمال ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪرپشن جي ڪري مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پنهنجي ملڪ کي به ريسڪيو ڪري رهي آهي پر مخالف ڌر کي ان سان به پريشاني ٿي آهي، مخالف ڌر جي قسمت ۾ روئڻ لکج?? چڪو آهي، عوام انهن ٻهروپن جي سياسي ڍونگ ۾ نه ايندي، اهي سڀ پنهنجي سياست جي ٻڏل ٻيڙي کي بچائڻ جي لاءِ ڪو??شون ڪري رهيا آهن، عوام هاڻي باشعور ٿ?? چڪي آهي، اها ملڪ جو رت چوسيندڙن جي افراتفري تي ڌيان نه ڏيندي، انهن جون رڙيون رڳو ڦريل مال کي بچائڻ جي لاءِ آهن، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي قيادت سدائين ڦرلٽ کي اختيار ڪيو ۽ ملڪ کي نقصان پهچايو آهي.