اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته عالم سڳورن کي ڪرونا وائرس جي باري ۾ ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ ۽ کين احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صدر اها ڳالهه مذهبي معاملا ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير پي?? نور الحق قادري ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ??اڪٽر قبله اياز سان ملاقات دوران چئي.