پشاور – 28 ڊسمبر (??ي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجا??ُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، سرڪاري اسپتالن ۾ پرڏيهي ملڪن جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ع??را?? خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.