اسلام آباد – 19 211; مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي اهم ترجيحن ۾ آبي ذخيرن جي تعمير ۽ پن بجلي جا منصوبا شامل آهن، مهمند ڊيم ??نصوبو مڪمل ٿيڻ سان 800 ميگاواٽ پن بجلي، 12 لک ايڪڙ فوٽ ايڪڙ پاڻي ذخيرو ٿيندو جنهن سان 17 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، ان منصوبي تي ڪم سيپٽمبر 2019ع ۾ شروع ٿيو جيڪو نومبر 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم جي مهمند ڊيم جي دوري جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران ??ان مهمند ڊيم سائيڊ جو دورو ڪيو اتي جاري ڪم جو جائزو ورتو، فرخ حبيب ٻڌايو ته مهمند ڊيم ??ائيڊرو پاور ??را??يڪٽ، ديامرڀاشا، داسو هائيڊرو پاور، ڪرم تنگي ڊيم ??لٽي پرپز، تربيلا ففٿ توسيع، برپوهائيڊرو پاور ??را??يڪٽ، سنڌ بيراج ??را??يڪٽ، گريٽر ڪراچي بلڪ واٽر سپلائي اسڪيم (ڪي ٽو فور) ڪڇي ڪينال ??را??يڪٽ ۽ نئين گنجي ??را??يڪٽ مڪمل ٿيڻ سان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 29 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو، 9 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي پيداوار، 91 هزار 917 ايڪڙ اضافي زمينون آباد ۽ 35 هزار کان وڌيڪ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.