اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ?? تعلي?? جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌري?? جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تعلي?? جي فروغ جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ?? تعلي?? جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعلي?? جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ?? تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليم واري وزارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعلي?? جي حوالي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، ??ڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوب?? جي شروعات، ڊيجيٽ?? لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوب?? جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.