اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته احمد ف??از انسانيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آواز بلند ڪيو، هو هڪ اصول پسند شاعر هو، ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش کان پٺتي نه هٽيو، هن پنهنجي سوچ عوام تائين پهچائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي آف ادبيات پاڪستان ۽ احمد ف??از ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ اردو جي عهد ساز شاعر احمد ف??از جي 90 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ??اح??د ف??از قومي ادبي سيمينار“ کي خاص مهم??ن جي حيثيت خان خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته احمد ف??از هڪ بااصول انسان هو، هو ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش تان پٺتي نه هٽيو، هن مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني قوم جي لاءِ شاعري جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هو محبت ۽ انسانيت جو شاعر هو، هو پاڪستان پاران محبت ۽ دوستي جو سفير هو.