اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقع?? تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام قائم رکڻ تي قوم جو ٿورو ادا ڪندي چ??و آهي ته فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يوم عاشور جي موقع?? تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام ??رق??ار رکڻ تي پوري قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو بدقسمتي سان ان دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون شر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون آهن، جنهن ان موقع?? تي فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته شرپسندن جي ان گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏيندي.