لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وئي، رڳو چو??ڊو?? کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم پلاننگ ڪئي ويندي رهي آهي، ح??وم?? جو رخ صحيح آهي، عثمان ب??زدار ڊائنامڪ وڏو وزير آهي، پاڪستان جي پلانز تي عمل ڪري ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا ترقي ڪئي، سنگاپور منصوبابندي تحت قدم کنيا ۽ اسان کان اڳتي نڪري ويو، منصوبي ۾ معاونت جي لاءِ وفاقي ح??وم?? قدم کڻندي. لاهور ويجهو شيخوپوره ضلعي ۾ قائداعظم بزنس پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم بزنس پارڪ جهڙو منصوبو شروع ڪرڻ تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان ب??زدار ۽ سندس ٽيم مب??رڪ??اد جا مستحق آهن. هن چيو ته ڪا به قوم انڊسٽريلائيزيشن کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي يافته قومن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ح??وم?? جو رخ صحيح آهي اسان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪيا آهن جتي مراعتون ڏنيون پيون وڃن. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ چيو ويندو هو ته پاڪستان خطي جي قيادت ڪندو. ڏکڻ ڪوريا ۽ ملائيشيا اسان جي منصوبن جي پيروي ڪري ترقي ڪئي پر اسان پٺتي رهجي وياسين. هن چيو ته ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته اسان رڳو چو??ڊو?? کٽڻ جي لاءِ شارٽ ٽرم قدم کنيا ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي ڇڏي ڏني.