اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪچين آبادين کي جديد رخن تي ترقي ڏئي انهن ۾ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ معاشري جي غريب طبقن کي نظر انداز ڪيو ويو، انهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ايو??ن صدر ۾ ڪچين آبادين کي ترقي يافته شڪل ڏيڻ جي لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، صوبائي اسيمبلي ميمبر فردوس شمي?? نقوي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿار??ي جي چيئرمين انور حيدر، صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري عمران زيب خان، اين پي ايڇ اي جي ڊپٽي چيئرمين، ايڊيشنل اٽارني جن??ل ۽ ٻين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.