اسلام آ??اد – 05 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا و??ئرس بابت تازي اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 15233، تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ به 21501 تائين پهچي ويو، گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران 1315 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، 24 وڌيڪ فوتگين سان مجموعي فوتگيون 486 ٿي ويون. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪورونا و??ئرس ڪيسن جو انگ سڀ کان وڌيڪ 8103 تائين پهچي ويو، سنڌ ۾ 7882 ڪورونا و??ئرس ڪيس رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو انگ 3288 ۽ اسلام آ??اد ۾ 464 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 1321، گلگت بلتستان ۾ 372 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا و??ئرس ڪيسن جو انگ 71 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ هيستائين 5782 مريض مڪم?? طور تي صحتياب ٿي ويا آهن.