اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا جي لاءِ آزمائش آهي، وبا ۽ لاڪ ڊائون جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وئي آهي، ڪورونا رليف فنڊ ۽ رضاڪار ٽائيگر فورس متاثرين جي امداد ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اسان کي پنهنجي غريب ۽ ڪمزور طبقن جو خصوصي خيال رکڻو آهي، سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان ??ڪمل رابطا قائم آهن، اها جنگ پوري قوم گڏجي کٽيندي، ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان 92 نيوز چيئنل جي لائيو ٽيلي ٿون ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪيل لاڪ ڊائون سبب پوري دنيا تي اثر پيا آهن، معيشت کي نقصان ??هتو، اسان ??ستقبل ۾ ان جي اثرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪري ??هي?? آهيون، هن چيو ته موجوده بحران ۾ آمريڪا 2200 ارب ڊالر ۽ جاپان ??ڪ هزار ارب ڊالر جو رليف پيڪيج ڏنو آهي جڏهن ته اسان ??وري ڪوشش ڪري ??هي?? آهيون ته 8 ارب ڊالر جو پيڪيج ڏئي سگهون، وزيراعظم چيو ته اسان ??ٽ وڌيڪ وسيلا نه آهن ۽ جيڪي دستياب آهن انهن کي استعمال ۾ آڻي ??هي?? آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ خيرات ڏيندڙ سڀ کان ??ڌيڪ آهن، اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ته اسان الله جي خوشنودي لاءِ زڪوات ۽ خيرات ڪندا آهيون، اها اسان جي ط??قت آهي، انهي طرح اسان جا نوجوان به وڏي ط??قت آهن، مستقبل ۾ ڪهڙيون حالتون هونديون، ان جو ڪنهن کي پتو نه آهي تنهن هوندي به اسان کي پنهنجي تياري ڪرڻي پوندي، اسان ان ??قصد جي لاءِ پنهنجي انهن ٻنهي طاقتن کي استعمال ۾ آڻينداسين.