اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مخالف ڌر کي اپيل ڪئي آهي ته اها ڪر??نا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۽ تحفظ جي لاءِ سياست کي پٺتي رکي حڪ??مت جو ساٿ ڏي، ا??يد هئي ته فارن اڪائونٽس مان فائدو کڻندڙ شريف ڀائرن جي وطن واپسي جو اعلان ٿيندو پر (ن) ليگ وارن ميڊيا آڏو بي وقتائتو راڳ آلاپيو آهي، لنڊن ۾ ويهي هر قسم جي فيشني ٽوپي پائي بيان ڏيڻ بدران ملڪ واپس اچڻ جي تاريخ جو ٻڌائين. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪر??نا وائرس هڪ عالمي چئلينج آهي جيڪڏهن مخالف ڌر ان تي به سياست ڪر?? ٿي ته اه?? انهن جي پنهنجي ذهني پسماندگي آهي.