اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هجڻ سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بدران مهانگي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آه??، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آه??، اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آه??، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آه??، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آه??، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ??رب رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آه??، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ماحول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل وارمنگ سان پاڪستان متاثر ٿي سگ??ي ٿو، ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاواٽ ??ي منصوبن ??ي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.