واپارين جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جو منظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

image

لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته واپارين جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، سڀئي سياستدان، بزنس مين، بيورو ڪريسي ۽ اسٽيل هولڊرن کي ملي رياست پاڪستان جي معاملن کي هلائڻو پوندو. مملڪت خداداد جي ترقي لاءِ 24 ڪروڙ عوام کي سوچڻو پوندو، آءِ ايم ايف پروگرام جو منظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿيڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جنهن تي پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو، آءِ ايم ايف کي ماضي جي پيدا ڪيل بداعتمادي سبب خدشا هئا، 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت آهي، پوءِ نگران حڪومت ايندي، چونڊن کان پوءِ جيڪڏهن عوام چونڊيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت کي مستحڪم ڪنداسين. هو گورنر هائوس ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ۽ ٻين بزنس ڪميونٽي جي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، وفاقي وزير، وزيراعظم جا خاص مددگار ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. وفاقي وزير اسحاق ڊار ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس م شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪنهن به حڪومت جو اهو بنيادي فرض آهي ته صنعتڪاري، زراعت ۽ واپار لاءِ جيڪو به ممڪن آهي ڪري هي ذميواري آهي ڪو احسان ناهي، اڄ جيڪي مشڪل حالتون سامهون آهن اهي اوهان سڀني آڏو آهن،. الله تعاليٰ جو ڪرم آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ جو پروگرام گڏيل ٽيم ورڪ ذريعي منظور ٿي ويو آهي، هي معاهدو 9 مهينن لاءِ ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پروگرام جي منظوري تي ان جو ٿورو مڃيو. گذريل 15 مهينن کان آمريڪا سان جيڪي لاڳاپا خراب ٿيا هئا، انهن کي ڏينهن رات محنت ڪري ٻيهر بحال ڪيو آهي، ان ڳالهه کي آمريڪا سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته اهو ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ذاتي مفادن خاطر قومي مفادن کي قربان ڪيو ويو، جنهن جو نقصان قوم آڏو آهي، هي صرف هڪ نه بلڪه ان حوالي سان ڪيترائي مثال موجود آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ معاهدن جي خلاف ورزي سبب مشڪلاتون پيدا ٿيون پر ٽيم ورڪ جي گڏيل ڪوششن ۽ الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿيو. هن چيو ته چين 5 بلين ڊالر گذريل 5 مهينن ۾ پاڪستان لاءِ رول اوور ڪيا آهن. هن وقت چين 5 بلين ڊالر رول اوور نه ڪري ها ته خدانخواسته پاڪستان ڊفالٽ ڪري وڃي ها. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي بزنس ڪميونٽي جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار هوندو آهي. اوهان عظيم پاڪستاني ماڻهو آهيو، سيڙپڪاري ڪيو ٿا خطرن کي منهن ڏيو ٿا ۽بئنڪن مان مهانگا قرض وٺو ٿا. هن چيو ته اسان کي سوچڻ گهرجي ته ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ اهو فڪر جو لمحو آهي، بزنس ڪميونٽي جا مسئلا حل طلب آهن، پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي پنهنجي پنهنجي سطح تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف کي ماضي جي پيدا ڪيل بداعتمادي سبب خدشا هئا جنهن جي ڪري پروگرام کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ دير ٿي. اميد آهي ته نگران حڪومت معاهدي تي عملدرآمد جاري رکندي، صنعتڪار ۽ بزنس ڪميونٽي جو پروڊڪشن ۽ ملڪي اڪنامي ۾ تمام اهم ڪردار آهي، پهرين اسان ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪندا هئاسين، صنعتڪاري ۽ زرعي شعبي جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، اڄ مشڪل حالتون سامهون آهن، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ ان پروگرام کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سمورن مرحلن کي سٺي طريقي سان عبور ڪيو. آءِ ايم ايف ڊيل جي حوالي سان پوري قوم کي آگاهه ڪيو ته ڪهڙا مرحلا گذريا آهن، اسان پاڪستان کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، سعودي عرب 2 بلين ڊالر يو اي اي هڪ بلين ڊالر ۽ آءِ ايم ايف طرفان 1.2 ارب ڊالر قومي خزاني ۾ جمع ٿيڻ سان مجموعي طور پاڪستان جي 14 بلين ڊالرن جا ذخيرا ٿي ويا آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو منظور ٿيڻ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي جنهن تي سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو. پئرس جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ڳالهايو، اوهان جي ڪاوشن کان سواءِ اهو ممڪن نه هو، آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿيڻ تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سبب عالمي سطح تي نقصان پهتو، بدقسمتي سان آمريڪا سان لاڳاپن کي محدود سوچ ۽ غلطين جي ڪري ڪاري ضرب لڳائي وئي. اتحادي حڪومت ٻنهي ملڪن سان لاڳاپن کي بحال ڪيو، اسان وڏي محنت سان آمريڪا سان لاڳاپن کي بهتر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي ٽيم ورڪ ڪوششن جو نتيجو آهي. ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي قربان ڪيو، ماضي ۾ جن معاهدن جون خلاف ورزيون ٿيون انهن عيوض معاملا الجهندا هليا ويا. هن چيو ته سمورين مشڪلاتن باوجود اسان کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عهد ڪرڻو پوندو ته غريب جي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ سڀني جي ذميواري اهي. اڪثر غريب ماڻهو جن جو گذر سفر انتهائي مشڪل حالتن ۾ آهي، سمورين چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ محنت ۽ قرباني گهرجي. هن چيو ته سمال انٽر پرائيز هڪ اهم شعبو آهي جيڪو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جاپان، جرمني ۽ چين سميت ٻين ترقي يافته ملڪن سمال انڊسٽري تي فوڪس ڪندي ترقي ڪئي، پر اسان هن سيڪٽر تي ڪيتري توجهه ڏني آهي اهو هڪ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ شروع ڪيل منصوبن ۾ دير ڪئي وئي جنهن سبب انهن جي لاڳت 30 کان 40 ارب رپيا وڌي وئي آهي. اهي پئسا ريسرچ ۽ ترقي جا سينٽر بڻائڻ لاءِ ڏئي سگهجن پيا. هن چيو ته 2008ع ۾ 1122 کي پوري پنجاب ۾ پکيڙيو ڇو ته هي هڪ سٺو منصوبو هو. هن چيو ته عمران خان چئني صوبن ۾ پنهنجي مخالفن کي ظلم جو نشانو بڻايو. حالتن جي گهرج آهي ته سمورا آئيني ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪو آرڊينيشن ڪن. هن چيو ته نه چاهيندي به بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻي پئي. بجلي چوري ۽ لائين لاسز جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا ته جيئن غريب شهرين تي اور بلنگ جو بار نه پوي. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف اڪنامڪ رفارمز ڪيا ۽ ان جا بهترين نتيجا حاصل ٿيا.

مضمون کا ماخذ : loteria instantânea
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس