اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ترقي جي راهه ۾ ايندڙ ر??اوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 نقاطي ايجنڊا جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته وبا جي خاتمي تائين غريب ملڪن جا قرض ملتوي ڪيا وڃن، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جا امدادي فنڊز جو قيا?? عمل ۾ آندو وڃي، ويڪسين جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، وبا جي خاتمي تائين ق??ضي ملڪن جي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دنيا کي اڄ بي پناهه صحت ۽ معاشي بحران درپيش آهن، جيڪڏ??ن ڪورونا وائرس امير ۽ غريب جي وچ ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪري پر ان سان پٺتي پيل طبقن ۽ غريب ملڪن کي سڀ کان متاثر ڪيو آهي، لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن.