اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا ان?? اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1376 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 30 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 28 م??اث?? مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 35 هزار 745 ٽيسٽ ڪ??ا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 530، پنجاب ۾ 14 هزار 109، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 219، اسلام آباد ۾ 5 هزار 740 ، بلوچستان ۾ 161 ، گلگت بلتستان ۾ 410، آزاد ڪشمير ۾ 576 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 17 هزار 86 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوو?? 19 ??و ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 870 وينٽيليٽرز تي ڪوو?? 19 ??ا 130 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 16 هزار 242 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب م??اث?? ماڻهن جو تعداد 3 لک 40 هزار 251 آهي.