اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ن افغانستان جي ص??عت ۽ واپار واري وزير ??ثا?? احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پار??ن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي لاءِ فائديمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.