ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن: وزيراعظم عمران خان

image
APP77-071021 ISLAMABAD: October 07 - President Insaf Forum Dr. Mudir Khan calls on Prime Minister Imran Khan. SAPM National Health Services Dr. Faisal Sultan and Provincial Minister for Health KPK Taimur Saleem Jhagra also present in the meeting. APP

اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پوري دنيا متعرف آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مدير خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صحت ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صحت جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مدير وزيراعظم کي ڊاڪٽرن جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (ايم ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (اين ايل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے