اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن تي عمل نٿو ٿئي ??ه نماز ۽ تراويح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته عالم سڳورن سان معاهدي جي پهرين 17 نڪتا نماز ۽ تراويح جي دوران حفاظتي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن احتياطي تدبيرن تي پوري دنيا ۾ اتفا?? راءِ آهي، هن چيو ته انهن احتياطي تدبيرن تي ع??لد??آمد امام مسجد، مسجد ڪميٽين?? ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي ??ڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.