 
          اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته م??ڪي تعميراتي صنعت کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي استعمال تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروباري سرگرمين ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ، بدعنواني جي روڪٿام ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پراسيس شروع ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انجنيئر ارشد داد خان جي قيادت ۾ ??نس??رڪشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي.