 
          اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسريت جي تصور ۽ پاڪست??ن جي بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي پاليسي موجب آهي. وزيراعظم ??يڊيا هائوس پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تا??يخي گورڌوارن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول سرونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نانڪ جي 550هين جنم ڏڻ جي موقعي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه کولڻ جو تا??يخي قدم بابا گرو نانڪ جو نالو کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک ب??اد??ي جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.