 
          اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي ميان نواز شريف کي چئن هفتن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان جو نالو اي سي ايل مان ناهي ڪڍيو ويو پر کيس هڪ ڀيرو ٻاهرئين م??ڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، هو 7 ارب رپين جو شوئرٽي ب??نڊ جمع ڪر??ئي ٻاهرئين م??ڪ وڃي سگهي ٿو، وڪيل، ڊاڪٽرن جي راءِ ۽ عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ان کي ٻاهرئين م??ڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزا?? اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.