 
          اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي ٽيليفون ڪئي، ٻنهي صدرن پاڪستان ۽ يوڪرين جي سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پاڪستان ۽ يوڪرين جي صدرن روس – يوڪرين جنگ جي ڏس ۾ اسرندڙ دنيا کي درپيش توانائي ۽ خوراڪ جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن پاڪستان ۽ يوڪرين جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر زيلنسڪي پنهنجي 10 نقاطي امن فارمولي جو حوالو ڏيندي يوڪرين روس تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ قرا??دا?? جي مسودي تي پاڪستان جي حمايت طلب ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته روس يوڪرين جنگ تي پاڪستان کي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستا?? گڏيل قومن جي چارٽر موجب جنگ جي پرامن حل جي حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستا?? حڪومت پار??ن تجويز ڪيل قرا??دا?? جي نقطن جو جائزو ورتو پيو وڃي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي يوڪرين جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.