اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي ??ڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي ??ڪست تسليم ڪري ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته ??ينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته هنن اسان جي مخالفت ڪئي، انهن جي پريس ڪانفرنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي ته ڪٿي اهي ماڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُهي کٽي ويا، ان وقت کين اصولن جي ??ياست ياد نه آئي، جيڪا اليڪشن انهن جي پسند جي هجي ??ه ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوندو آهي اتي اصولي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ??هو ووٽ ضايع ڪرڻ جي ??ريقيڪار ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان ضايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان جو اميدوار هارايو. ڇانگامانگا کان هنن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته ??يڪو اڄ تائين جاري آهي، اڃان به ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان جي ماڻهن سان به ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو و??ي.